دلدار فقير جو دستخط نسخو

دلدار فقير جو دستخط نسخو: سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ شاهه جي رسالي جو هي قلمي دستخط، 254 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ سُر ڍول مارئي ۽ سُر بسنت کان سواءِ 34 سر، 2915 بيت ۽ 174 وايون ڏنل آهن. رسالي جي آخر ۾ ڪاتب دلدار فقير پنهنجو نالو هن طرح آندو آهي:
فقـيـــر مسڪيـن دلــدار جـيــون،
رسن عاجزيون عذر خواهيون اپارا.
هـن نـسـخـي جـو سـن ڄـاڻايـل ڪونهي، البت پهرئين صفحي جي هڪ پاسي تي مستطيل مهر لڳل آهي، پر اها به ايتري صاف نه آهي، جو پڙهي سگھجي. رسالي جي قيمت چار روپيا لکيل آهي. ٻئي صفحي تي ڏيڍ انچ کن وڏي بيضوي مهر لڳل آهي، جنهن ۾ سن 1338هه ۽ مسڪين فتح الدين شاهه غني اڪريل آهي، يعني ته ان سال هي رسالو سيد فتح الدين شاهه جي ملڪيت ٿي رهيو آهي. رسالي جو ڪاغذ پراڻو ديسي آهي ۽ تحرير آڳاٽي صورتخطيءَ واري آهي ۽ رسالي اندر بمبئيءَ جي ڪن مريدن جو ڪنهن پير صاحب ڏانهن ڇنڇر 27 ذي القعد 1279هه/ 1862ع جو فارسيءَ ۾ لکيل خط به آهي، جيڪو رسالي واري ساڳئي ڪاتب جي تحرير معلوم ٿئي ٿو. انهن اهڃاڻن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي رسالو 1279هه جي لڳ ڀڳ جو لکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو